مهانگائي 38 کان 27 سيڪڙو تي  اچي وئي آهي: شمشاد اختر

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران حڪومت مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر جو چوڻ آهي ته مهانگائي 38 کان 27 سيڪڙو تي  اچي وئي آهي، ڪجهه مسئلا آهن، پر هو پريشان ناهن.

سڌ سماءَ واري نگرين وفاقي وزير  مرتضيٰ سولنگي ۽  توانائي واري وزير محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو ته حڪومتي قدمن سان مختلف شعبن ۾ بهتري آئي آهي.

هن چيو ته فصلن جي پيداوار حاصل ٿيندي، جنهن سان نتيجا بهتر ٿيندا.

شمشاد اختر چيو ته رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي، اهي هاڪاري اشارا آهن، اقتصادي ڏکيائيون ختم ٿي رهيون آهن، مهانگائي 38 کان 27 سيڪڙو تي  اچي وئي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ٽيڪس جو دائرو وڌايو ويو آهي، جيڪي ٽيڪس نه ٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، ٽيڪس روينيو جي ٽارگيٽ کي پاڪستان کي پورو ڪرڻو آهي.

شمشاد اختر چيو ته سملنگ روڪڻ سان رپئي جو ملهه بهتر ٿيو آهي، ڪو به ملڪ پنهنجي ڪرنسيءَ سان کيڏڻ برداشت نه ڪندو.

توانائي واري وزير محمد علي چيو ته عوام جي ڏکيائي گهٽ ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، بجلي  جي چوري ڪيترين ئي ورهين کان ٿي رهي آهي.

هن چيوته کين خبر آهي ته بجلي جا اگهه وڌيا آهن، هڪ مهيني نه پر ورهين جون غلطيون آهن، سندن ڪوشش آهي ته گهريلو واهپيدارن تي گهٽ بار پوي.

نگران وفاقي وزير چيو ته ماضيءَ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، ان لاءِ کين پاليسي جوڙڻي پوندي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
29%
1.9m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون