مبارڪپور ۾ ھٿياربند، استاد کان ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪيا ويا.
عارف آباد پوليس چوڪي وٽ استاد عبدالشڪور سولنگيءَ کان ھٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
متاثر جو چوڻ آھي تھ اسڪول ويندي پوليس چوڪي وٽان ھٿياربند موٽرسائڪل، موبائل فون ۽ 50 ھزار رپيا روڪ رقم کسي فرار ٿي ويا.
استادن جو چوڻ آھي تھ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.