تازه ترين

مبينا تشدد ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ مبينا تشدد ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ نينگري فاطمه جي قتل خلاف شاهين يوٿ ڪائونسل طرفان آفتاب ميمڻ، جاويد حسين سومرو، الطاف حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هوته نينگري فاطمه کي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪندڙ جوابدار انسان نه پر  جانور آهي.

مظاهرين چيو ته پيرن جي حويلي ۾ نينگري فاطمه تشدد سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته وحشي جوبدار کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي، ته جيئن ٻيهر اهڙو واقعو پيش نه اچي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون