محرابپور ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي شاگردياڻين طرفان ڪتابن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
ڳوٺ خدا بخش شاهه پرائمري اسڪول جي شاگردياڻين سائرا، حسينا پروين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ سبب سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي درسي ڪتاب ڏنا وڃن ته جيئن تعليم صحيح نموني پرائي سگهون.