- Advertisement -
صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي اي 15 ميروخان تي پ پ اميدوار نثار کهڙي چيو آهي ته مخالف ڀلي ڪيترا به اتحاد ٺاهن پر پيپلزپارٽي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، پ پ وفاق ۾ کٽي ايندڙ آزاد اميدوارن جي حمايت سان حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، اي ايم ايس ذريعي نواز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي ته اهو عمل عوام قبول نه ڪندو، نواز شريف کي به پي ٽي آءِ باني جيان سليڪٽ ڪري مڙهيو ويو ته هو به سليڪٽيڊ وزيراعظم هوندو.
پي ايس 15 ميروخان تي آزاد اميدوار نياز چانڊيو ۽ ليلا کھاوڙ پيپلز پارٽي جي اميدوار نثار کھڙي جي حق ۾ رٽائر ٿي ويا ۽ پيپلز پارٽي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته جھڙي طرح 1970 ۾ انٽرنيٽ نه ھجڻ باوجود شفاف چونڊون ڪرايون ويون ھيون ته ھاڻي به شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، پاڪستان انٽرنيٽ دوست ملڪ ناھي ان لاءِ اي ايم ايس سسٽم تي خدشا آھن .
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ماضي جي روايت کي نه ورجائي، نه ته نتيجن تي آڱريون کڄنديون، ملڪ ۾ سليڪشن ۽ ٻين جي ڪلھي تي اقتدار ۾ اچڻ جي روايت ختم ٿيڻ گھرجي، فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ عوام جي فيصلي جي نتيجي ۾ ايندڙ حڪومت جمھوري هوندي.
صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي اي 15 ميروخان تي پ پ اميدوار نثار کهڙي چيو ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ بيٽ جي نشان سان گڏ اليڪشن مان آئوٽ آھي ته ان جو ذميوار تحريڪ انصاف جو باني پاڻ آھي، انٽرا پارٽي چونڊون پھريان ڪرائڻ گھرجن ھا.- Advertisement -
