تازه ترين

مخالف اسانجي ڪاميابي ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن: پ پ اميدوار حاجي شير محمد مغيري

- Advertisement -
صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس هڪ جيڪب آباد تي پ پ اميدوار حاجي شير محمد مغيري چيو آهي ته مخالف اسانجي ڪاميابي ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن هاڻي پنهنجي گهر جو رستو به وسري ويا آهن ڇو ته عوام چاهي ٿو ته پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿين. صوبائي اسيمبلي جي تڪ  پي ايس هڪ جيڪب آباد تي پ پ اميدوار حاجي شير محمد مغيري چونڊ مهم ۾ تيزي آڻي ڇڏي. درگاهه پير بخاري، ڪريم آباد پاڙي ۽ حق باهو پاڙي جي رهواسين پاران جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون. پير بخاري وٽ سيد ڪامران شاھه پاران پ پ پ اميدوارن مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ شير محمد مغيري جي حمايت ۾ جلسو ڪرايو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. وارڊ 2 حق باھو پاڙي ۾ عبدالحفيظ رڏ پاران پ پ اميدوارن مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ شير محمد مغيري جي حمايت ۾ جلسو ڪرايو ويو. شهر جي ڪريم آباد پاڙي ۾ عبدالرشيد ۽ ڊاڪٽر غلام قادر ٽالاڻي پاران پ پ ميدوارن مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ شير محمد مغيري جي حمايت ۾ جلسو ڪرايو ويو جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پ پ اميدور مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ حاجي شير محمد مغيري جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته مخالف سندن ڪاميابي ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن هاڻي پنهنجي گهر جو رستو به وسري ويا آهن، عوام چاهي ٿو ته پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿين. هنن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته کين ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ته جيئن سنڌ کي اڳ کان وڌيڪ ترقي ڏياري سگهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
28 %
2.6kmh
7 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون