تازه ترين

مخالف ڌر بلوچستان جي صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو

مخالف ڌر بلوچستان جي صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ مخالف ڌر جو اجلاس، جنهن ۾ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ملڪ جي تازي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

مخالف ڌر طرفان بلوچستان جي صورتحال تي آل پارٽيز گهرائڻ جو فيصلو ڪيو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته سمورين پارٽين جو آئين جي بالادستي لاءِ هڪ ٿيڻ خوشي جي ڳالهه آهي، اي پي سي بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا سمورين پارٽين سان صلاح مشورا ڪندي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته حڪومت بلوچستان جي معاملي تي ڪا به دلچسپي ناهي ڏيکاري.

هن چيو ته اختر مينگل مايوس ٿي قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ڏني آهي، بلوچ ناراض ڀائرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن.

لطيف کوسا چيو تهحڪومت بلوچستان جي صورتحال تي سنجيده نه آهي، آئين ۾ ترميم جون ڳالهيون هلي رهيون آهن.

هن چيو ته  عوام ۾ مايوسي پکڙجي پئي، فارم 47 واري حڪومت عوامي مسئلن کان اڻ واقف آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون