تازه ترين

مخالف ڌر وفاقي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

مخالف ڌر وفاقي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، عمر ايوب ۽ علي محمد خان جو چوڻ آهي ته حڪومت بجيٽ  تي ڪنهن سان  به صلاح مشورا نه ڪيا.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته هو واضح طور تي ٻڌائي ته پارليامينٽ ۾ پهريون ڀيرو بجيٽ دوران آئيني جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، هن ايوان ۾ چار ڀيرا بجيٽ پيش ڪئي، آرٽيڪل 73 سان گڏ ناڻي وارو وزير دستاويز، پنڪ باڪس ۽ اڪنامڪ سروي اتي ئي پڙهندو آهي.

هن چيو ته بجيٽ جو واليم ۽ خسارو مينشن هوندو آهي، جيڪو هن بجيٽ ۾ نه هو، هڪ جعلي بجيٽ پيش ٿيو، پنجاب جي آبادگارن جي ڪڻڪ سڙي رهي آهي، محسن نقويءَ ساڍا چار سئو ارب رپين جي ايل سي کولي  پيسو ٺاهيو.

عمر ايوب چيو ته محسن نقوي ٽيڪس رٽرن جمع ناهي ڪرائيندو، هنن پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي هئي.

ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته بجيٽ تي تنقيد سدائين ٿيندي آهي، بجيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، بجيٽ جو  تعلق عوام سان هوندو آهي، ٻه ڀاڱي ٽي سيٽون کٽيندڙ پارٽي کي مخالف ڌر ۾ ويهاريو ويو آهي.

هن چيو ته حڪومت وٽ اصل مينڊيٽ آهي يا جعلي ان جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿيو، بجيٽ فارم 47 وارن پيش ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون