تازه ترين

غزه تي اسرائيلي جارحيت کي 250 ڏينهن مڪمل، 37 هزار 202 فسلطيني شهيد ٿي چڪا

- Advertisement -
غزه تي اسرائيل جي جارحيت کي 250 ڏينهن پورا ٿي ويا، اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ 37 هزار 202 فلسطيني شهيد ٿي ويا جن ۾ 15 هزار 700 ٻار شامل آهن. غزه جي ميڊيا آفيس 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين 85 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، يهودي فورسز غزه ۾ 79 هزار ٽن ڌماڪيدار مادو وسايو آيو. غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۾ 498 طبي اهلڪار ۽ 150 صحافي پڻ شهيد ٿي ويا. غزه ميڊيا آفيس موجب اسرائيلي بمباري سان غزه کي پهتل نقصان جو شروعاتي ڪاٿو 33 ارب ڊالر آهي. ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي دوحه ۾ قطري وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي. قطري وزيراعظم جو چوڻ آهي ته جنگ بندي جي تجويز مسئلي کي ختم ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو واضع مطالبو آهي، جنگ بندي لاءِ ڌرين تي دٻاءُ جاري رکندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
8 %
5kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون