مختلف وزارتن جون 60 سيڪڙو ڏيڍ لک نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن: محمد اورنگزيب

- Advertisement -
وفاقي سرڪار ڏيڍ لک خالي جايون ختم ڪري ڇڏيون، محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته مختلف وزارتن جون 60 سيڪڙو ڏيڍ لک نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن، حڪومت رائيٽ سائزنگ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پاليسي ٺاهڻ حڪومت ۽ روزگار ڏيڻ خانگي ڪمپنين جو ڪم آهي، معيشيت درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي . اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته مختلف وفاقي وزارتن جون 60 سيڪڙو جايون ختم ڪيون ويون آهن، هاڻي نئين ڀرتي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سندن ڪوشش آهي ته حڪومتي خرچن کي وڌيڪ گهٽ ڪيو وڃي ۽ معيشيت کي جٽادار ترقي طرف نيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس نظام ۾  سڌارا ڊسمبر  کان جاري آهن، معاشي ترقي لاءِ خانگي شعبي کي ڪردار ادا ڪرڻو  پوندو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي وزارتن جي 80  ماتحت ادارن جو انگ گهٽ ڪري 40 ڪيو ويو  آهي، ڪجهه ادارن کي ضم ڪيو ويو آهي، ٻن وزارتن کي به ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، ڪامرس ڊويزن، هائوسنگ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سڪيورٽي جي 60 ماتحت ادارن مان 25 کي ختم، 20 ۾ گهٽتائي ۽ نون کي ضم ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته خدمتن بابت جاين کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي،  حڪومت رائيٽ سائزنگ ڪري سرڪاري ادارن جي صلاحيت وڌائي رهي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي، ٽارگيٽ درست رخ ۾ وڃي رهيا آهن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي جيڪو رائيٽ سائزنگ طرف اهم قدم آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
48%
0.7m/s
99%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون