مديجي ويجهو چور مختلف ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪندڙ 11 هزار وولٽيج جون تارون چوري ڪري ويا

spot_img
مديجي ويجهو چور مختلف ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪندڙ 11 هزار وولٽيج جون تارون چوري ڪري ويا. ڳوٺ هڪڙا ڀرسان چور 17 نمبر ڏاڏو ٽيوب ويل وٽان تارون لاهي فرار ٿي ويا، جنهن سبب 5 کان وڌيڪ ڳوٺن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. واقعي خلاف رهواسين ظهير، شوڪت، دادن ۽ شعيب هڪڙو احتجاج ڪندي چيو ته رات دير سان چور 11 هزار وولٽيج جون تارون ٿنڀن مان لاهي چوري ڪري ويا، پوليس اطلاع ڏيڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. هنن ٻڌايو ته تارون چوري ٿيڻ سبب 5 ڳوٺن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته بجلي بحال ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10 ° C
10 °
10 °
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون