مراد علي شاهه پوليو مهم دوران متحرڪ ڪردار ادا نه ڪندڙ ڊي سيز ۽ ڊي ايڇ اوز کي برطرف ڪرڻ جو حڪم

spot_img
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليو مهم دوران متحرڪ ڪردار ادا نه ڪندڙ ڊي سيز ۽ ڊي ايڇ اوز کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري صحت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پوليو جا 50 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان سنڌ ۾ تيرهن، ڪي پي ۾ يارهن، پنجاب ۾ هڪ ۽ بلوچستان ۾ 24 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ حيدر آباد، جيڪب آباد ۽ ڪياماڙي ضلعن ۾ 2-2، شڪارپور، اوڀر، سجاول، ملير، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ گهوٽڪي ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ويهن ضلعن مان حاصل ڪيل ماحولياتي نمونن جي ٽيسٽ مان 66 سيڪڙو نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته آڪٽوبر جي مهم دوران ڇهن ضلعن جي ڪارڪردگي خراب رهي، جنهن تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري ايڪشن ورتو وڃي. سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ ڊي سيز، ايس ايس پيز ۽ ڊي ايڇ اوز کي عهدن تان هٽايو وڃي. هن چيو ته هو پوليو جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم پيا ڪن، پر 3 چئلينج آڏو آهن، جن ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار، آفيسرن جي عدم دلچسپي ۽ لڏپلاڻ شامل آهي، ان سبب صوبي ۾ پوليو وائرس پکڙجي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 50 ڪيس ۽ افغانستان ۾ 23 ڪيسن سان دنيا جا رڳو ٻه ملڪ رهجي ويا آهن، جتي پوليو جو خاتمو ناهي ٿي سگهيو، سمورا اسٽيڪ هولڊر  ۽ والدين گڏجي پوليو جي خاتمي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
15%
1.8m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون