تازه ترين

مراڪش ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو

مراڪش ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ سوين اڃا تائين ڍيرن هيٺان دٻيل آهن.

زلزلي بعد آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري عوام کي گهرن ۾ وڃڻ بدران روڊن ۽ کليل هنڌن تي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

حڪومت انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ملڪ ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پرڏيهي ميديا جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿيڻ سبب هيل تائين ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا ڍيرن هيٺان دٻيل آهن.

مقامي ميڊيا موجب زلزلي بعد ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا، جڏهن ته يونسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل تاريخي عمارتن کي به نقصان پهتو.

واضع رهي ته گذريل رات مراڪش جي ڏاکڻي علائقي ۾ 6 ڏهائي 8 جي شدت سان زلزلو آيو هو.

آمريڪي جيولوجيڪل سروس موجب زلزلي جو مرڪز مراڪش شهر کان 75 ڪلوميٽر پري اطلس جو جابلو سلسلو هو ۽ گهرائي 18 ڏهائي 5 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
11 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون