تازه ترين

مراڪش ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 632 ٿي ويو

مراڪش ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 632 ٿي ويو، ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون جڏهن ته امدادي ڪاررواين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو دٻيل هئڻ سبب فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي.

آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب، مراڪش جي ڏکڻ اولهه علائقي ۾ آيل زلزلي جو زور 6 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته زلزلي جو مرڪز مراڪش شهر کان 75 ڪلو ميٽر پري اطلس جي جبلن ۾ هو ۽ زلزلي جي زمين اندر اونهائي 18 ڏهائي 5 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلي کانپوءِ آفٽرشاڪس جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب عوام گهرن ۾ وڃڻ بدران روڊن ۽ کليل هنڌن تي اچي ويو.

مراڪشي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 632 ٿي ويو جڏهن ته 330 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو مٽيءَ جي ڍيرن هيٺيان دٻيل آهن جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي.

مراڪشي اختيارين موجب، زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته ڪيترين ئي عمارتن کي جزوي نقصان پهتو آهي.

مراڪشي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ عوام کي اسپتالن ۾ رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
8 %
2.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون