تازه ترين

مرزاپور: ڦورن ۽ ڳوٺاڻن ۾ مبينا مقابلو، هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻيو زخمي حالت ۾ سوگهو، پوليس حوالي

مرزاپور ۾ ڦورن ۽ ڳوٺاڻن ۾ مبينا مقابلي بعد هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻئي ڦورو کي زخمي حالت ۾ سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ ڳوٺاڻو پڻ زخمي ٿي پيو آهي.

ساخ ديرو وٽان هٿياربند ڳوٺاڻي بلاول ڪيهر کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد فرار ٿي ويا.

ڪيهر برادريءَ جي ماڻهن پاران ڦورن جو پيڇو ڪيو ويو.

ڦورن ۽ ڳوٺاڻن ۾ مقابلي دوران هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏھن تھ  هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو.

ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ ڳوٺاڻو عطاءُ الله ڪيهر زخمي ٿي پيو.

پوليس مارجي ويل ھٿياربند جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، مارجي ويل ۽ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڦورن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

 

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون