اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل 2023ع واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پيمرا ترميمي آرڊيننس تي صحافين جا خدشا جائز آهن. پهرين ڏينهن کان اهو ئي چيو هو ته گڏيل طور تي ئي بل منظور ڪرايو ويندو.
مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته پيمرا جي پراڻي ڪاري قانون کي ختم ڪرڻ چاهيون پيا، چار سال اپوزيشن ۾ رهندي ميڊيا سان گڏ ڪم ڪيو، وڏي محنت سان اهو بل تيار ڪيو هو. هن چيو ته آئيني ۽ جمهوري سوچ تي هنن نه ڪڏهن سمجهوتو ڪيو ۽ نه ئي ڪري سگهن ٿا.