بڊاڻي ۾ هندو برادري پاران بدامني ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ٻئي ڏينهن به شٽر بند هڙتال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بڊاڻي ۾ هندو برادري پاران بدامني ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ٻئي ڏينهن به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي.

شهر ۾ هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا.

واش ديو، استاد شيشپال، استاد مولچند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڌاڙا، ڦرون، اغوا ۽ قتل جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته مکي جگديش ڪمار، 9 ورهين جو آديش ڪمار ۽ نينگر جيئديپ ڪمار هن وقت تائين ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن.

سندن چوڻ هو ته بدامني ۽ اغوا جي واقعن سبب هندو برادري لڏپلاڻ تي مجبور آهي،  پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. اڳواڻن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي مغوين کي بازياب ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪاروبار بند رهندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
26%
3.1m/s
81%
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون