تازه ترين

نوازشريف جي چئن ورهين کانپوءِ ڏيهه واپسي، قانوني ٽيم سان صلاح مشورا

مسلم ليگ نون جو قائد نواز شريف چئن ورهين کانپوءِ ڏيهه واپس پهچي ويو، سندس چوڻ آهي ته ڏيهه واپسي تي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، هو 9 مئي نه پر 28 مئي وارا آهن، اڄ ملڪ ۾ فيئر اليڪشن ڪميشن آهي، عام چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول هوندو، پاڪستان معاشي لحاظ سان پٺتي هليو ويو آهي، ملڪ جون حالتون ڏسي ڏک ٿيندو آهي، سندس خلاف ڪيسن سان ملڪ کي نقصان ٿيو، ملڪ اڳتي وڌڻ بدران پٺتي هليو ويو آهي.

مسلم ليگ نون جو قائد نواز شريف چئن ورهين کانپوءِ ڏيهه واپسي لاءِ دبئي ايئرپورٽ کان اسلام آباد پهتو.

نواز شريف کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ جهاز ”اميد پاڪستان“ هڪ ڪلاڪ 20 منٽ دير سان ڏهه لڳي 42 منٽن تي دبئي ايئرپورٽ کان روانو ٿيو هو.

مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف سان گڏ 148 مسافر خاص اڏام ۾ ڏيهه پهتا جڏهن ته ليگي اڳواڻ عرفان صديقي، ناصر جنجوعا ۽ ڊاڪٽر عدنان به نواز شريف سان گڏ آهن.

اڳوڻي وزيراعظم جو خاص جهاز دبئي کان اسلام آباد پهتو جتان لاهور لاءِ روانو ٿيندو.

دبئي ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ڏيهه واپسي تي خوشي آهي، اڄ سوڀارو ٿي ڪري ڏيهه وڃي پيو، پهريان به چيو هو ته سڀ الله تي ڇڏيا ٿو، اڄ به سڀ الله تي ڇڏيل آهي، هو 9 مئي نه پر 28 مئي وارا آهن.

سندس چوڻ هو ته 2017 جي ڀيٽ ۾ اڄ ملڪ جون حالتون بهتر نه آهن، پاڪستان جون حالتون ڏسي تمام گهڻي پريشاني ٿيندي آهي، پاڪستان معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان پٺتي هليو ويو آهي، اميد کي هٿان نه وڃڻ ڏنو وڃي، هو حالتون خراب به پاڻ ڪندا آهن ۽ ٺيڪ به پاڻ کي ڪرڻيون آهن.

مسلم ليگ ن جي قائد چيو ته سندن دور ۾ پاڪستان ۾ ماني چئن رپين ۾ ملندي هئي، دوائون مفت هيون، ٻڌايو ته ڇا اڄ توهان کي پراڻو پاڪستان نظر اچي ٿو؟، اڄ کين دنيا جي بلند ترين قومن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ها.

نواز شريف چيو ته توهان کي پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، ڪو ٻيو اوهان کي کڻي نه بيهاريندو، ‎ن ليگ جي دور ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي چڪو هو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي جيڪو چونڊن جو فيصلو ڪري سگهي ٿو، اڄ ملڪ ۾ غيرجانبدار اليڪشن ڪميشن آهي، آدمشماري ٿي چڪي آهي، تڪ بنديون ٿيڻيون آهن، نياڻيءَ سميت ڏيڍ ڏيڍ سئو پيشيون ڀوڳيون آهن، آخرڪار مريم نواز کي به عدالت مان ڪلين چٽ ملي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون