وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي پارٽين نگران وزيراعظم جي مقرريءَ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، مسلم ليگ ن کي مئنڊيٽ مليو ته وزيراعظم نواز شريف هوندو، نواز شريف ايندڙ مهيني ڏيهه واپس ايندو، قطعي تاريخ جو اعلان نه ٿو ڪري سگهجي، ٻن پارٽين جي نظام بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن بابت ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نگران وزيراعظم جي نالي جو فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي، اتحادي پارٽين نگران وزيراعظم جي مقرريءَ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن.
سندس چوڻ هو ته آئين موجب، نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ 8 ڏينهن جو وقت آهي، نگران وزيراعظم جي مقرري بابت اتحادي پارٽين سان ملاقات ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نگران وزيراعظم جي قطعي فيصلي لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض سان به ملاقات ٿيندي، نگران وزيراعظم جي معاملي بابت آئين ۾ واضح طريقيڪار آهي جنهن تي عمل ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ ڪنهن به هڪ نالي تي اتفاق راءِ پيدا نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي کي اماڻيو ويندو جنهن جو آئين موجب ٽن ڏينهن اندر فيصلو ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پارلياماني ڪميٽي ۾ نگران وزيراعظم جي مقرري جو معاملو حل نه ٿيو ته اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينهن ۾ قطعي فيصلو ڪندي.
هڪ سوال جو جواب ڏيندي شهباز شريف چيو ته وزيراعظم دور حڪومت جا 16 مهينا 38 سالن جي سياسي ڪيريئر ۾ سڀ کان ڏکيا هئا جڏهن ته سمورن اتحادين سان گڏجي چئلينجن تي ضابطو آندو.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن کي مئنڊيٽ مليو ته وزيراعظم نواز شريف هوندو، نواز شريف ايندڙ مهيني ڏيهه واپس ايندو، قطعي تاريخ جو اعلان نه ٿو ڪري سگهجي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻن پارٽين جي نظام بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن بابت ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي.
