تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ نوڪرين بابت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي : مصطفيٰ ڪمال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ نوڪرين بابت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ڏينهن سنڌ حڪومت جا رهجي ويا هئا پر 50 هزار نوڪريون ڏنيون پئي ويون، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ ڀرتيون ڪيون پئي ويون.

ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فروغ نسيم ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال الزام هڻندي چيو ته سنڌ حڪومت پيسا وٺي ماڻهن کي نوڪريون ڏئي رهي هئي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ نوڪرين بابت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ڏينهن سنڌ حڪومت جا رهجي ويا هئا پر 50 هزار نوڪريون ڏنيون پئي ويون.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته آفيسرن کي چون ٿا غيرقانوني ڪم نه ڪريو، نيب ۾ حڪومت اوهان کي بچائڻ نه ايندي ۽ هو اوهان جو پيڇو نه ڇڏيندا، بنا ميرٽ جي ڀرتيون ٿي رهيون هيون جيڪي ايم ڪيو ايم روڪرايون.

هن چيو ته سموريون ڪارروايون سندن نظرن ۾ آهن، کين روزگار ڏيڻ تي اعتراض ناهي پر ميرٽ تي ڏنو وڃي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سڄي ملڪ جي ڪوٽا آهي ۽ ڪراچي جي شافرن جي ڪٿي ڪوٽا ناهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فروغ نسيم چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت کي ڀرتيون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، گذريل تاريخن تي سنڌ ۾ ڀرتيون ٿيڻ وڃي رهيون هيون، نيب چيئرمين کي خط لکيو آهي اميد ته هو جاچ ڪندو.

هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ ڀرتيون ڪيون پئي ويون، ڀرتين جي معاملي بابت اينٽي ڪرپشن ۽ نيب کي به لکيو ويو آهي، صوبي ۾ 16، 17 ۽ 18 گريڊ ۾ ڀرتيون ٿي رهيون هيون.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فروغ نسيم چيو ته سنڌ اسيمبليءَ اندر ڀرتيون ڪيون ويون، عدالتي حڪم آهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ نوڪريون نه ٿيون ڏئي سگهجن اهڙي طرح نوڪريون ڏيڻ توهين عدالت آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
24 %
1.1kmh
0 %
سُومر
22 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون