تازه ترين

مسلم ليگ ن ۽ پ پ ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت پارٽي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائڻ تي اتفاق

- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽  پيپلزپارٽي ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت پارٽي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين طرفان آئين ۽ قانون تي عمل يقيني بڻائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. ايوان صدر ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جو اهم صلاح مشورن وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب صلاح مشورن واري اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي، مخصوص سيٽن ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب حڪومتي اتحادين وچ ۾ تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات جاري رهي، مسلم ليگ ن جي ليگل ٽيم پيپلزپارٽي کي پي ٽي آءِ  بابت فيصلن تي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل پي ٽي آءِ تي پابندي بابت حڪومتي فيصلي جي قانوني نقطن کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته پ پ جي ليگل ٽيم مستقبل ۾ ان فيصلي جي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ٻڌايو ته هو هر آئيني ۽ قانوني فيصلي سان گڏ بيٺي هوندي. ذريعن موجب صلاح مشورن واري اجلاس ۾ ڳالهيون ٿيون ته تحريڪ انصاف جون رويو جمهوري نه آهي، پي ٽي آءِ پاڻ کي سياسي پارٽي سمجهي ٿي ته رويو به سياسي پارٽي جهڙو اختيار ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب پ پ حڪومتي فيصلن تي پارٽي ۾ مشاورت ۽ سي اي سي مان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ پي ٽي آءِ بابت فيصلا گڏجي ڪرڻ ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون