مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت پارٽي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين طرفان آئين ۽ قانون تي عمل يقيني بڻائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي.
ايوان صدر ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جو اهم صلاح مشورن وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب صلاح مشورن واري اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي، مخصوص سيٽن ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب حڪومتي اتحادين وچ ۾ تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات جاري رهي، مسلم ليگ ن جي ليگل ٽيم پيپلزپارٽي کي پي ٽي آءِ بابت فيصلن تي اعتماد ۾ ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل پي ٽي آءِ تي پابندي بابت حڪومتي فيصلي جي قانوني نقطن کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته پ پ جي ليگل ٽيم مستقبل ۾ ان فيصلي جي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ٻڌايو ته هو هر آئيني ۽ قانوني فيصلي سان گڏ بيٺي هوندي.
ذريعن موجب صلاح مشورن واري اجلاس ۾ ڳالهيون ٿيون ته تحريڪ انصاف جون رويو جمهوري نه آهي، پي ٽي آءِ پاڻ کي سياسي پارٽي سمجهي ٿي ته رويو به سياسي پارٽي جهڙو اختيار ڪرڻو پوندو.
ذريعن موجب پ پ حڪومتي فيصلن تي پارٽي ۾ مشاورت ۽ سي اي سي مان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ پي ٽي آءِ بابت فيصلا گڏجي ڪرڻ ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.