مشهور آمريڪي موبائل ڪمپني هن مهل تائين مارڪيٽ ۾ آندل موبائل سيٽن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنهو فون سيٽ تيار ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ايپل 2017 ۾ آءِ فون ايڪس ٽين او ايل اِي ڊي ڊسپلي ۽ فيس آءِ ڊي سان گڏ متعارف ڪرايو هو.
ان کانپوءِ آءِ فون ۾ ڪا به اهم تبديلي نه آئي هئي پر هاڻي ايپل طرفان آءِ فون جي ڊزائن ۾ اهم تبديلي ڪئي پئي وڃي، نئين ڊزائن آءِ فون 17 سـِـلـِـمِ نالي ماڊل جو حصو هوندي.
هي نئون ايپل جو هن مهل تائين مارڪيٽ ۾ آيل سڀني موبائل سيٽن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنهو فون هوندو.
هڪ رپورٽ موجب 2025 ۾ ايپل طرفان آءِ فون سيريز کي ريفريش ڪيو ويندو ۽ پلس ماڊل کي ختم ڪندي ان جي جاءِ آءِ فون 17 سلم کي ڏني ويندي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آءِ فون جي قيمت آءِ فون ميڪس کان به وڌيڪ هوندي.
هڪ ٻئي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ فون سلم ۾ڊائينامڪ آئي لينڊ ڊزائن جو حصو ننڍڙو هوندو.
سلم ماڊل جي ڊسپلي 6 ڏهائي 6 انچن کان گهٽ هوندي، جڏهن ته ان جي موٽائپ پڻ گهٽائي ويندي.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته آءِ فون 15 کانپوءِ آءِ فون 16 اڃا تائين مارڪيٽ ۾ نه آندي وئي آهي پر ان کان اڳ ئي 2025ع ۾ ايندڙ سيٽن جي ماڊلن بابت افواهه پکڙجي رهيا آهن.
ايپل موجب آءِ فون سيريز 16 کي هلندڙ سال سيپٽبر ۾ متعارف ڪرايو ويندو…