سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار قدم کڻي رهي آهي: مراد علي  شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي  شاهه جو چوڻ آهي ته سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار قدم کڻي رهي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليشن ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾   صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شوري، علي حسن زرداري  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن   شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سياحت لاءِ گورک هل، ڪينجهر ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ کي بهترين سياحتي مقام بڻائڻو آهي. وڏي وزير چيو ته  ڪراچي کان دادو ۽ گورک تائين ايڪسپريس وي بڻائڻ جي تجويز تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير جو چوڻ هو ته گهريلو استعمال شده پاڻي کي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ اسٽڊي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي کان ٺٽي تائين روڊ ٺهڻ گهرجي، روڊ ٺهڻ سان هاليجي ڍنڍ تي سياحتي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لوئر نارا ڪينال کي لائين ڪيو ويندو، جنهن لاءِ آبپاشي کاتو پرپوزل ڏيندو. وڏي وزير پاران زراعت کاتي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت زرعي فارم ٺاهڻ لاءِ ماڊل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
21%
2.8m/s
0%
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون