تازه ترين

مصر جي سربراهي ۾ ڪوٺايل قاهره امن اجلاس  ۾ سعودي عرب سميت عرب ملڪن غزه  ۾ اسرائيلي حارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت

مصر جي سربراهي ۾ ڪوٺايل قاهره امن اجلاس  ۾ سعودي عرب سميت عرب ملڪن غزه  ۾ اسرائيلي حارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اسرائيل جي غزه جي ماڻهن کي جبري بيدخل ڪرڻ جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو.

اجلاس ۾ فلسطيني صدر محمد عباس پنهنجي سرزمين ڪڏهن به نه ڇڏڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هو پنهنجي سرزمين نه ڇڏيندا ۽ نه ئي ڪير کين اتان بيدخل ڪري سگھي ٿو.

اجلاس کي خطاب ۾ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان به اسرائيلي ڪوششن کي رد ڪندي عالمي برادري کان اسرائيل کان عالمي قانون جي پاسداري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو ته فلسطين ۾ ٿيل دردناڪ واقعا سيز فائر لاءِ فوري ردعمل جو گهر ڪن ٿا.

اجلاس ۾ پنهنجي خطاب ۾ اردن جي بادشاهه عبدالله فلسطينين جي جبري بي گھر ٿيڻ کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي چيو ته هن وقت عرب دنيا کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته فلسطينين جي جانين جي اسرائيلين جي مقابلي ۾ ڪا به قيمت ناهي.

اردن جي بادشاهه چيو ته هـُو والاريل فلسطين ۽ غزه ۾ مظلوم فلسطينين مٿان ٿيندڙ اسرائيل جي ظلمن تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ آهن.

قاهر امن اجلاس ۾ خطاب ڪندي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل چيو ته هن اجلاس جو مقصد هو ته هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌي وڃي.

سندس چوڻ هو ته هو سمجهي ٿو ته علائقائي تڪرارن، انساني مسئلن ۽ اسرائيل فلسطين معاملي ۾ امن قائم ڪرڻ گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي.

مصر طرفان فلسطين اسرائيل تڪرار بابت سڏايل قاهره امن اجلاس ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير جيمز ڪليورلي جو چوڻ هو ته اسرائيلي حڪومت کي عالمي قانون جي احترام ڪرڻ ۽ غزه ۾ شهرين جي جاني نقصان بچائڻ جي ذميواري ادا ڪرڻ جو چيو آهي.

اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني عالمي برادري کي مسئلي جي ٻه رياستي حل جو روڊ ميپ ٺاهڻ لاءِ زور ڀريو.

اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ فرانس غزه ۾ انسانيت جي بنياد تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو.

اجلاس جي ميزبان مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اميد آهي ته شرڪت ڪندڙ ڏهاڪن کان جاري فلسطيني مسئلي جي مستقل حل ۽ امن لاءِ قدم کڻندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون