- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جي ذميواراڻي نموني استعمال سان تعليمي نظام ۾ انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو، مصنوعي ذهانت جي ٽولز جي بنياد تي تعليمي نظام ۾ ڊيٽا تي ٻڌل سڌارا آڻي سگهجن ٿا، تعليمي نظام کي پيش مستقل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي.
تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته تعليم کي هڪ خوشحال ۽ ترقي پسند پاڪستان جو بنياد بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته مصنوعي ذهانت جي ذميواراڻي نموني استعمال سان تعليمي نظام ۾ انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته مصنوعي ذهانت جي ٽولز جي بنياد تي تعليمي نظام ۾ ڊيٽا تي ٻڌل سڌارا آڻي سگهجن ٿا.
هن چيو ته تعليمي نظام کي پيش مستقل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته کين تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مصنوعي ذهايت جو استعمال ڪرڻ گهرجي، مصنوعي ذهانت سان مسئلا حل ڪرڻ ۽ تخليقي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.- Advertisement -
