- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته هو ايتري دير کان چئي رهيو هو ته ڳالهيون ڪامياب نه ٿينديون، ڪي پي جي وڏي وزير پاڻ چيو ته سندس ماڻهو گمراهه ٿي ويا هئا، هي هڪ قسم جي ڏوهه جو اعتراف آهي، ڇا هن بيان بعد عدالتي ڪميشن جي گنجائش رهي ٿي؟.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته هو پهريان ئي چئي رهيو هو ته ڳالهيون ڪامياب نه ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي جي وڏي وزير پاڻ چيو ته سندس ماڻهو گمراهه ٿي ويا هئا، هي هڪ قسم جي ڏوهه جو اعتراف آهي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته علي امين گنڊاپور مڃيو آهي ته سندن ماڻهن سڀ ڪجهه ڪيو هو، جيڪو ڪيو اهو غلط هو، ڇا هن بيان بعد عدالتي ڪميشن جي گنجائش رهي ٿي؟.
هن چيو ته عدالتي ڪميشن کي ڪهڙي جاچ ڪرڻي آهي، ڪميشن ٺاهي علي امين گنڊاپور کان پڇا ڪئي وڃي ته کيس ڪهڙي گمراهي نظر آئي آهي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته کين گمراهي نظر آئي ۽ علي امين گنڊاپور سندن حمايت ڪئي، عرفان صديقي جي بيان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، جيڪڏهن ڪميشن ٺهڻي هجي ها ته ڪڏهن جو ٺهي وڃي ها، ڳالهين جو عمل رڪجڻ بعد به سياست جاري رهندي.- Advertisement -
