- Advertisement -
روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته امريڪا يوڪرين معدني معاهدي سان سندن واسطو ناهي، يوڪرين بابت ڳالهين ۾ يورپي يونين جي شرڪت ۾ ڪوبه حرج ناهي.
ماسڪو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي روسي صدر جو چوڻ هو ته معدني وسيلن تي سهڪار بابت امريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، امريڪا يوڪرين معدني وسيلن تي معاهدي سان ڪجهه نه وڃي.
پيوٽن چيو ته صدر ٽرمپ جو موقف روس جي مفاد ۾ نه پر يوڪرين جي مفاد ۾ آهي.
ان کان علاوه روسي صدر دفاعي خرچ اڌ ڪرڻ جي ٽرمپ واري تجويز جي ح مايت ڪندي چيو ته روس ۽ امريڪا جي دفاعي خرچن ۾ 50-50سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ سٺو خيال آهن، چين چاهي ته هو به ان ۾ شامل ٿي سگھِي ٿو.- Advertisement -
