سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ترقياتي ڪمن ۾ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروس کاتي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر هدايت ڪندي چيو ته ترقياتي منصوبن جي دورن سان لاڳاپيل سبب ۽ تفصيل پيش ڪيا وڃن، بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته ترقياتي منصوبن ۾ ناقص ڪم ۽ بدعنوان آفيسرن خلاف کاتي واري ڪارروائي ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪرڻ جو طريقيڪار جوڙيو وڃي، وڏي اسڪيمن جي ڪارڪردگي جو باقاعدگي سان دورو ڪندا رهيو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر هدايت ڪندي چيو ته غير معياري ڪم ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ترقياتي ڪمن جي ورڇ ۾ رنڊڪن جو خاتمو آندو وڃي، ترقياتي اسڪيمن جي منظوري لاءِ ٿرڊ پارٽي انجنيئرنگ يونيورسٽي جي خدمت حاصل ڪئي وڃي.
سيڪريٽري ورڪس جي پي ڊبليو ڊي ۽ مختلف فيلڊ آفيسن جي ڪمن بابت آگاهي ڏني وئي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ورڪس اينڊ سروس منصوبن جو مرحلي وار رڪارڊ محفوظ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
نگران وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته وڏن منصوبن جي ڊجيٽل رڪارڊنگ کي يقيني بڻايو وڃي.
سيڪريٽري ورڪس روڊ ريسرچ ليب اينڊ مانيٽرنگ يونٽ بابت بريفنگ ڏني.
سيڪريٽري ورڪس مانيٽرنگ يونٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيڊر سروسز مان ڊي جي مانيٽرنگ جي مقرري جي تجويز به ڏني.
نگران وڏي وزير ڊي جي مانيٽرنگ جي مقرري بابت تجويز تي ايندڙ اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ ڊي جي مانيٽرنگ جي عهدي کي صلاح مشوري ذريعي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
نگران وڏي وزير ضروري معلومات لاءِ سرڪاري گاڏين جي لاگ بڪ کي درست رکڻ، انڊس هاءِ وي تي روڊ سيفٽي ريسرچ اينڊ پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ڊيزائن جي تعمير لاءِ ڪنسلٽنٽس، آرڪيٽيڪٽس يا فرمن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ورڪس اينڊ سروسز جي سمورن آفيسن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم انسٽال ڪرڻ ۽ شاهراهن جي ٽولز تي جمع ٿيندڙ ٽيڪس جي ٿرڊ پارٽي کان آڊٽ ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي.