تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملتان جي انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ گيس سان ڀريل بائوزر ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب ڇهه ڄڻا فوت ۽ 31 زخمي

- Advertisement -
ملتان جي انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ گيس سان ڀريل بائوزر ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب ڇهه ڄڻا فوت ۽ 31 زخمي ٿي پيا آهن، صدر ۽ وزيراعظم جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ايل پي جي بائوزر ۾ ڌماڪي سان باهه لڳي وئي ۽ بائوزر ڦاٽڻ سبب ٽڪرا ويجهي آباديءَ تي وڃي ڪـِريا. ريسڪيو عملدارن موجب ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه وسائي وئي، باهه وسائڻ ۾ 10 کان وڌيڪ گاڏين حصو ورتو ۽ فوم به استعمال ڪيو ويو. سي پي او ملتان صادق علي جو چوڻ آهي ته گيس سان ڀريل بائوزر ڌماڪي ۾ ڪيترائي گهر تباهه ۽ جانور سڙي مري ويا آهن. هن چيو ته ايل پي جي بائوزر مان گيس خارج ٿيڻ سبب علائقي کي خالي ڪرايو ويو آهي. پوليس موجب، فوتين ۾ هڪ ٻارڙي ۽ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ ڀرسان گهر مان به هڪ لاش هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب ويجهي آبادي جا 20 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته 70 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر موجب، حادثي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي بند ڪئي وئي جڏهن ته ملتان مظفر ڳڙهه روڊکي هاڻي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري پاران ايل پي جي بائوزر ڦاٽڻ واري واقعي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. صدر زرداري فوتين جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي فوتين جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 31 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم فوتين جي مغفرت ۽ وارثن جي صبر جميل لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بائوزر ڦاٽڻ جا سبب معلوم ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون