ملتان ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، 254 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستاني ٽيم به ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي چئن وڪيٽن جي نقصان تي 76 رنسنون ٺاهي ورتيون.
پاڪستاني ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ اڃا به 178 رنسون گهربل آهن.
ٻي انگز ۾ پاڪستاني بيٽرز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي، شان مسعود ۽ محمد هريرا 2-2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
قومي ٽيم پاران بابراعظم 31 ۽ ڪامران غلام 19 رنسون ٺاهي پويلين روانا ٿيا.
ملتان ٽيسٽ جي ٻئي انگز ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم به 244 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
پاڪستان طرفان نعام علي ۽ ساجد خان 4-4، ڪاشف علي ۽ ابرار احمد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.