ويسٽ انڊيز ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 120 رنسن تان شڪست ڏئي 35 ورهين بعد پاڪستاني ڌرتي سوڀ ماڻي آهي.
ويسٽ انڊيز، پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 245 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، جواب ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم رڳو 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي، 1990ع کانپوءِ ويسٽ انڊيز پاڪستان ۾ پهرين ٽيسٽ کٽي ورتي.
ملتان ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي راند جي شروعات ۾ سعود شڪيل 13 ۽ ڪاشف علي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته سلمان علي آغا 15 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
ساجد خان ست، نعمان علي ڇهه ۽ محمد رضوان 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٻئي اننگز ۾ 244 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 254 رنسن جو حدف ڏنو هو.
254 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ قومي تيم رڳو 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان جا 6 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.
جومل ويريڪين جون پنج وڪيٽون ڪيون ۽ کيس مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز ميزبان ٽيم کي 120 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي.