ملير جيل مان فرار ٿي ويل قيدي کي پوليس پنجاب مان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
شاهه لطيف پوليس ڊي جي خان ۾ ڪارروائي ڪري فرار ٿيل قيدي جاويد کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب قيدي کي زخمي حالت ۾ڪيو ويو آهي، جيل جي ڀت تان ٽپو ڏيڻ دوران جاويد جي ٽنگ ڀڄي پئي هئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته فرار ٿي ويل قيدي جاويد کي سائيٽ سپر هاءِ پوليس اغوا ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.
واضح رهي ته جوابدار جيل جي واش روم ۾ لوهي ڄاري ٽوڙي فرار ٿي ويو هو……