- Advertisement -
ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي جو سودو صدر آصف زرداري، پ پ ۽ گڏيل حڪومت ڪيل آهي.
جيڪب آباد بار ۾ آجياڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته اهي سنڌو نديءَ جي 40 سيڪڙو پاڻيءَ جو سودو ڪري آيا آهن، موجوده سنڌ جي ڪمانڊ ايريا تباهه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته موجوده سنڌ جي سوا ڪروڙ ايڪڙ زمين مان 40 سيڪڙو زرعي زمين بنجر بڻجي ويندي.
زين شاهه جو چوڻ هو ته چولستان گريٽر ٿل ڪئنال تي پنجاب جون نيون وارياسي زمينون آباد ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته سڄو پاڪستان سائو ٿئي اهي خوش آهن پر آصف زرداري کي سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي.
زين شاهه چيو ته آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي ۽ حڪمران جماعت سنڌو جو سودو ڪيو، کين شرم اچڻ گهرجي.
هن چيو ته ٽڪي جي اقتدار ۽ احتساب ۾ رعايت وٺڻ لاءِ سنڌ دشمني ڪري سنڌو جو سودو ڪيو ويو.
زين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ سنڌو نديءَ جي هزارين سال تهذيب دفن ڪرڻ جي مذمت ڪن ٿا.
زين شاهه جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري 2012ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ڪرائي سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوشش ڪئي.
زين شاهه چيو ته سنڌو بچايو تحريڪ لاءِ بيداري موومينٽ ڪريون ٿا، عوامي رابطا مهم لاءِ جيڪب آباد پهتو آهيان………- Advertisement -
