ملير جي علائقي حسن پنهور ڳوٺ ۾ مسجد جو واش روم استعمال ڪرڻ تي مولوي نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائي سندس اک ضايع ڪري ڇڏي جڏهن ته حد جي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
حسن پنھور ڳوٺ ۾ مولوي جو مسجد جو واش روم استعمال ڪرڻ تي انور خاصخيلي پٽ الھڏنو خاصخيلي تي وحشياڻو تشدد ڪري سندس هڪ اک ضايع ڪري ڇڏي.
واقعي بعد نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
شاھه لطيف پوليس مولوي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو.
نوجوان جي ڀاءُ رمضان خاصخيلي جو چوڻ آھي ته شاھه لطيف پوليس مولوي خلاف ايف آءِ آر داخل کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي……..