ملير ۾ پوليس ڪارروائي دوران پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل پنج موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
ريڙهي ڳوٺ ۾ سکڻ ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪئي.
پوليس ڪارروائي دوران پنجن جوابدارن دائود، عرفان، ايوب، حميد ۽ عبدالحميد کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس گرفتار جوابدارن وٽان چوري ٿيل پنج موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم، موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪرڻ ۾ ملوث آهن.
پوليس موجب، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.