ملير : پوليس جي ڪارروائي غيرقانوني ليپ ٽاپ سمگلنگ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

- Advertisement -
ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ڪارروائي ڪندي غيرقانوني ليپ ٽاپ سمگلنگ ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري 576 ليپ ٽاپ ۽ گاڏي هٿ ڪري ورتي. ايس ايس پي ملير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي مين نيشنل هاءِ وي تي ڪارروائي ڪري غيرقانوني ليپ ٽاپ جي سمگلنگ ۾ ملوث شيراز کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ملير جي ترجمان موجب، پوليس گرفتار جوابدار وٽان 576 ليپ ٽاپ ۽ هڪ گاڏي هٿ ڪري ورتي. ايس ايس پي ملير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته هو غيرقانوني ليپ ٽاپ شهر جي مختلف علائقن ۾ گاڏين ذريعي سپلاءِ ڪندو هو. ايس ايس پي ملير جي ترجمان موجب، گرفتار جوابدار وٽان هٿ آيل غير قانوني ليپ ٽاپ پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيا، پوليس پاران شيراز جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي ملير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي ۽ وڌيڪ جاچ به جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
51%
1.1m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون