ملير جي گهگهر واري علائقي مان ٻارڙيءَ جو لاش پاڻيءَ جي لائن مان هٿ ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر ملير جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙي سونيا ڪلمتي جو لاش پاڻيءَ جي لائن مان هٿ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته نيوي ۽ واٽر بورڊ جي ٽيمن ٻارڙي جو لاش ڳولڻ ۾ حصو ورتو، ٻارڙيءَ جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي تي افسوس ٿيو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نينگري پاڻي جي لائن ۾ ڪري ٻڏي وئي هئي، جنهن جو اڄ لاش ڪڍيو ويو آهي.