شڪارپور ۾هڪ ڏينهن اندر چار ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن، ضلعي ۾ مغوين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي.
ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان هٿياربند ٿريشر جي ٻن مسترين کي مبينا طور اغوا ڪري ويا.
ڪرمپور لاڙي وٽان ڌاڙيل ڳوٺ الهورايو پهوڙ جي رهواسي عمران پهوڙ ۽ چنيسر پهوڙ کي مبينا طور اغوا ڪري ويا.
وارثن جو چوڻ آهي ٻئي مغوي دڪان ۾ ستل هئا جيڪي رات جو اغوا ٿي ويا آهن.
ٻي پاسي رستم ٿاڻي جي حد مان سوئي گيس جا ملازم عبدالستار عرف خان سيٺار ۽ گلشير سيٺار اغوا ٿي ويا.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڌاڙيلن جا پيرا کڻي ڪچي طرف رواني ٿي وئي.