ملير ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان فيڪٽرين مان پورهيتن جي جبري بيدخلي، روزگار نه ڏيڻ ۽ ٺيڪيداري نظام خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڀينس ڪالوني ويجهو ايس ٽي پي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري حيات تنيو، نادر مگسي، جاويد کوسو، وسيم گوپانگ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هزارين فيڪٽريون ۽ ڪمپنيون آهن جيڪي مقامي ماڻهن کي زورگار ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ فيڪٽرين مان جبري برطرفيون جاري آهن.
هنن چيو ته ٺيڪيدارن ۽ فيڪٽرين جي مالڪن پورهيتن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، پورهيت آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
سندن چوڻ هو ته جبري برطرفين ۽ روزگار نه ملڻ سبب پورهيتن جا ٻارڙا فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فيڪٽرين مان پورهيتن جي جبري بيدخلي، روزگار نه ڏيڻ ۽ ٺيڪيداري نظام جو نوٽيس وٺي فوري طور تي سنڌي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……


