ملڪي حالتون اهڙيون آهن سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو : ناصر حسين شاهه

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ملڪي حالتون اهڙيون آهن سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، 9 مئي واقعي ۾ ملوث ماڻهن سان ڪوبه اتحاد نٿو ٿي سگهي، اليڪشن وقت تي ٿيندي، اتحاد هميشه پيپلز پارٽي لاءِ ٺهندا آهن، بلاول ڀٽو زرداري سندن وزيراعظم جو اميدوار آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سندس فارم بحال ٿي ويو آهي، پيپلز پارٽي پهريان به سکر مان سوڀاري ٿي هن ڀيري سڄي سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 61 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون آهن، پ پ 50 کان وڌيڪ سيٽون کٽندي. پ پ اڳواڻ ناصر شاهه چيو ته بلوچستان مان به سڀ کان وڌيڪ سيٽون پيپلز پارٽي کي ملنديون، ڏکڻ پنجاب ۾ به سڀ کان وڏي پارٽي پيپلز پارٽي ٿيندي. هن چيو ته سينٽرل پنجاب ۾ ٿورو مقابلو ٿيندو، پ پ ڪي پي ۾ به سيٽون حاصل ڪندي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ تمام وڏو جلسو ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري سي اي سي اجلاس جي صدارت ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون