- Advertisement -
خانپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي ڪار مٿان فائرنگ ۾ ايس ايڇ او معجزاڻي طور بچي ويو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو.
ڪلر ڪوٽ ڀرسان هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او خانپور صفي الله انصاري معجزاڻي طور بچي ويو.
پوليس طرفان ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف خانپور ويجهو هٿياربندن پاران ڌنار کان مينهون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
شهرين جو چوڻ آهي ته خانپور ۽ ڀرپاسي ۾ چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، ڏوهارين مان پوليس جو خوف ختم ٿي ويو آهي، شهري غير محفوظ بڻيل آهن……….- Advertisement -
