تازه ترين

ملڪي سطح تي ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو، قانون جي حڪمراني تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي : نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پرڏيهي ۽ ملڪي سطح تي ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو، قانون جي حڪمراني تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي،  سياست ۽ قانون کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، معاشري ۾ مذهبي انتها پسندي جي ڪا به گنجائش ناهي، اقليتي برادري کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو، پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، ملڪي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پرڏيهي ۽ ملڪي سطح تي ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو، معاشي مسئلن جي حل لاءِ بهترين قدم کنيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، هو قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن عمل ڪري ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا ۽ مقرر مدي ۾ ملڪي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته کيس پنهنجي ٽيم تي فخر آهي هي هڪ تجربيڪار ۽ بهترين ٽيم آهي، يقين آهي الله پاڪ کين ڪامياب ڪندو ۽ سمورن وزيرن مان اميد آهي ته هو پنهنجي پنهنجي وزارتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

هن چيو ته رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ آهي، رول آف آرڊر سان ئي قانون جي حڪمراني آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق چيو ته هو قانون جي حڪمراني تي ڪوبه ٺاهه نه ڪندا، قدامت پسند رجحان جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، اڃا ملڪ جو ماحول ورهايل آهي، کين سياست ۽ قانون ۾ فرق ڪرڻو پوندو جيڪڏهن انارڪي هوندي ته گورننس، سيڪولر ۽ مذهبي نظام نه هلي سگهندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان سمورن مذهبن ۽ نسلن جو ملڪ آهي، حق نالي تي نه پر ڪردار ۽ رويي تي ڏنا ويندا.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ 9 مئي تي تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاريءَ بعد پيش آيل واقعن تي به مايوسي جو اظهار ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون