تازه ترين

ملڪ جو ڪو به شهري عدالتي نظام مان مطمئن ناهي، آئيني سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به شهري عدالتي نظام مان مطمئن ناهي، آئيني سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ ۾ مونجهارو عدالتي فيصلن سبب آهي، حڪومتي آئيني ترميمي مسودو ڪچو آهي، پڪو تڏهن ٿيندو جڏهن پ پ ۽ جي يو آءِ ۾ اتفاق ٿيندو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي  پ پ چيئرمين چيوته  مولانا فضل الرحمان کي جلد هڪ پيج تي آندو ويندو. هن چيو ته  حڪومت جي ڪارڪردگي مان هو مطمئن آهن پر وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ سائيڪل ملي ٿي، سندن وزيراعظم کي چيو وڃي ته سپريم ڪورٽ تائين بنا سڪيورٽي  پنڌ اچو. پ پ چيئرمين چيو ته آئين سازي واري معاملي ۾ جي يو آءِ جو هميشه هاڪاري ڪردار رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان راضي نه ٿيو ته هو پنهنجا نمبر پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي پي ڪي ۾ حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، ڪي پي ڪي ۾ خراب صورتحال تي گڏيل اجلاس گهرائي بريفنگ ڏني وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته آئيني سڌارا ضروري آهن، اهو ڪم تمام گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32 ° C
32 °
32 °
31 %
5.4kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون