تازه ترين

سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران عمرڪوٽ واقعي تي بحث ڪيو ويو

- Advertisement -
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران عمرڪوٽ واقعي تي بحث ڪيو ويو، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پاليسي بيان ڏيندي چيو آهي ته حڪومت يا عملدار عدالت کان مٿڀرو قدم کڻڻ جو اختيار نٿو رکي، معاملي جي جاچ ڪئي ويندي، عمر ڪوٽ واقعي جي جاچ شروع ڪندي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، سي آءِ ايَ ٽيم ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته نبي ڪريم صلعم جي شان گستاخيءَ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي،  ڊاڪٽر شاهنواز جو بيان موجود آهي ته سندس آءِ ڊي هيڪ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ خبر هلي آهي ته ميرپورخاص پوليس مقابلو ڪيو، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪو شخص سچ ۾ ذهني مريض آهي ۽ ان جو موبائل فون غلط استعمال ٿئي ته ان کي ماري ڇڏجي؟ سندس علائقي ۾ افسوس ناڪ واقعو ٿيو، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پاليسي بيان ڏيندي چيو ته ناموس رسالت واري معاملي تي هڪ ڊاڪٽر جي اڪائونٽ تي رکيل پوسٽ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي،  نبي ڪريم صلعم جي شان ۾ ڪا به گستاخي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته شروعاتي ڄاڻ غلط يا صحيح هجڻ بابت جاچ ٿيڻ گهرجي، نبي ڪريم صلعم وڏي کان وڏي مخالف کي به  غلطي يا غلط فهمي درست ڪرڻ جو موقعو ڏنو. گهرو وزير چيو ته حڪومت يا عملدار عدالت کان مٿڀرو قدم کڻڻ جو اختيار نٿو رکي. جماعت اسلامي جي محمد فاروق چيو ته الله پاڪ جو حڪم آهي ته ڪو مسئلو ٿئي ته معاملي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي محمد وسيم چيو ته گهرو وزير  جي وضاحت معاملو ڪافي واضح ڪيو، مذهب اک سان ڏسي بنا شاهديءَ جي ڪو عمل ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي شبير قريشي طرفان انٽيريئر  سنڌ  وارو لفظ استعمال ڪرڻ تي نثار کهڙي چيو ته انٽيريئر ۽ ايڪسٽيريئر سنڌ وارو اصلاح استعمال بند ڪيو وڃي ڇا ڪراچي ايڪسٽيريئر سنڌ آهي؟ جيئن ڪراچيءَ ۽ سنڌ تي اعتراض آهي، ائين ئي انٽيريئر  ۽ ايڪسٽيئرير تي به اعتراض آهي. اجلاس دوران  سنڌ سول سروٽس ترميمي بل 1973ع به پيش ڪيو، جنهن کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
31 %
3.8kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون