پاڪستان جي 58هين بچاءَ جي ڏهاڙي تي ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي مزارن تي گارڊن جي تبديلي واريون تقريبون ٿيون.
قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي پاڪستان هوائي فوج جي ڪيڊٽس گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.
گارڊز جي تبديلي واري تقريب ۾ ڪمانڊنٽ ايئر وائس مارشل غضنفر لطيف خاص مهمان هو.
ايئر وائس مارشل غضنفر لطيف مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
تقريب کي خطاب ڪندي پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي جي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ ايئر وائس مارشل غضنفر لطيف چيو ته اڄ هٿياربند فوج جي گڏيل فتح کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هو دشمن جي سامهون هميشه جبل جيان بيٺل رهندا.
لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊر جي تبديلي واري تقريب ٿي.
ڪور ڪمانڊر لاهور تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ڪور ڪمانڊر لاهور، علامه اقبال جي مزار تي گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.