تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

ملڪ جي بهتري لاءِ سڀني کي ديانتداري سان ڪم ڪرڻو پوندو : نگران وڏي وزير مقبول باقر

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ملڪ جي بهتري لاءِ سڀني کي ديانتداري سان ڪم ڪرڻو پوندو، ديانتداري سان ڪم ڪندي محروم طبقي لاءِ قدم کڻڻا آهن، کين سڀني کي سچ ڳالهائڻ لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو، هو لنڊن جي خانگي دوري تي هو ته نواز شريف سان ملاقات لاءِ ويو هو، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات ڪندو.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ گورنر ڪامران ٽسوري مزار قائد تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري دعا گهري.

مزار قائد تي گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ سڀني کي ديانتداري سان ڪم ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ديانتداري سان ڪم ڪندي محروم طبقي لاءِ قدم کڻڻا آهن، کين سڀني کي سچ ڳالهائڻ لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته هو لنڊن جي خانگي دوري تي هو ته نواز شريف سان ملاقات لاءِ ويو هو، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات ڪندو.

هن چيو ته شهر ۾ امن امان لاءِ هاڻي قدم کنيا پيا وڃن جنهن جا نتيجا اوهان کي نظر ايندا، هو سنگين حالتن مان گذري رهيا آهن کين قائداعظم آڏو سرخرو ٿيڻو آهي.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن آفيسر پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته هو پاڻ وڏي وزير کي چوندو ته اهڙو آفيسر مقرر نه ڪيو وڃي، سسٽم کي ٽوڙيو وڃي، قائداعظم منزل حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي بيمثال قيادت فراهم ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان دنيا جي نقشي تي آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ اڀريو.

سندس چوڻ هو ته قائداعظم سڄي زندگي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن جي حاصلات لاءِ وقف ڪري ڇڏي، سندس پاليسي ديانتداري ۽ ايمانداري جي هئي.

گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو ته قائداعظم جي سياسي جدوجهد سندن ملڪ جي سياستدانن لاءِ هڪ مثال آهي، معاشي استحڪام ۽ معاشرتي نظام جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون