ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري

- Advertisement -
ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 796 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا جنهن بعد هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 66 هزار 410 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 796 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا، واپس ويندڙن ۾ 217 مرد، 207 عورتون ۽ 372 ٻارڙا شامل آهن. افغانستان روانگي لاءِ 36 گاڏين ۾ 55 خاندانن جي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي. وفاقي حڪومت جي اعلان کان اڳ غيرقانوني افغان شهري گهڻي انگ ۾ گرفتاري جي خوف کان واپس افغانستان ويندا رهيا جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 66 هزار 410 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو جنهن سبب سمگلنگ ۽ ڀتاخوري سميت ٻيا سنگين ڏوهه عام هئا جڏهن ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ مان غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50%
4.3m/s
12%
خميس
24 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون