اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي 20 هزار رپين جي ڏنڊ سان چونڊ نشان لالٽين  الاٽ ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي 20 هزار رپين جي ڏنڊ سان چونڊ نشان بتي  الاٽ ڪري ڇڏيو. اي اين پي جي انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اي اين پي جو 5 سال جو مدو اڃا مڪمل ناهي ٿيو. اليڪشن ڪميشن  عوامي نيشنل پارٽي کي 10 مئي تائين انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته گذريل سال 21 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن اي اين پي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ۾ ميان افتخار جي 6 مهينن جي مهلت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو هو ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ جو ڪو به عذر ناهي، هو نه ٿو سمجهي ته توهان ايندڙ اليڪشن پنهنجي نشان تي وڙهي سگهندا، ٿي سگهي ٿو اي اين پي کي واڌ ملي وڃي، ٿي سگهي ٿو نه ملي، توهان کي ساڍن ٽن سالن کانپوءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جي تياري ڪرڻ گهرجي ها.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
47%
2.7m/s
0%
اربع
31 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون