- Advertisement -
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي ڪيترن ئي هنڌن تان بند ڪيو ويو آهي.
ترجمان موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 3 فيض پور کان درخانه ۽ لاهور کان سيالڪوٽ تائين بند ڪيو ويو.
موٽر وي ايم 4 شور ڪوٽ کان فيصل آباد ۽ ايم فائيو شير شاهه کان ظاهر پير تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
ترجمان موجب، موٽر وي ايم 2 تي لاهور کان شيخوپور ٽريفڪ جي داخلا بند آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
ٻئي پاسي پنجاب ۽ ڪي پي جي موسم ۾ بهتري اچڻ کانپوءِ اڏامن جو شيڊول به معمول تي اچڻ شروع ٿي ويو آهي.
واضع رهي ته سال جي پهري مهيني جي ٻن هفتن ۾ پاڪستان ايئرپورٽن تي 415 اڏامون ملتوي ٿي چڪيون آهن.- Advertisement -
