- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي بلديا اتحاد ٽائون ۾ جهيڙي دوران 2 سڳا ڀائر قتل ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته اتحاد ٽائون خان محمد چوڪ ڀرسان بارن کي تيز موٽر سائيڪل هلائڻ کان روڪڻ تي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو.
فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر مارجي ويا جن جي سڃاڻپ حسين امين ۽ فاروق امين جي نالن سان ٿي.
پوليس موجب، شروعاتي جاچ موجب، فائرنگ جو واقعو ٻن گروپ ۾ جهيڙي دوران پيش آيو، مقتول خان محمد ڪالوني جا رهواسي هئا جڏهن ته سندن تعلق مردان سان هو.
پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.- Advertisement -
